ڪووڊ- ۱۹ جي عالمي وبا ۽ جينومڪس

0
114
لطيف جا لقب

                 ھن ھلندڙ عالمي وبا جينومڪس ۾ ايتري جدت آندي آھي جو انسان وبائن کي ھڪ بالڪل نئين ۽ سائنسي انداز سان منھن ڏئي سگهي ٿو.

 جينومڪس جي ڄاڻ ۾ آيل انھي جدت دنيا کي ان قابل بڻايو آھي ته اسان ڪووڊ ـ ۱۹ جو سبب وائرس کي اتي جو اتي ڏسي، پرکي ۽ سڃاڻي سگهئون ٿا جنھن ۾ نه رڳو بنيادي وائرس ‘سارس ـ ڪووڊ ۲’ پر ان جي بدلجندڙ شڪلين کي به مختلف ملڪن ۾ سڃاڻي سگهئون ٿا. جيئڻ جا جتن ڪندڙ وائرس جو ھر ٻھروپ سڃاڻي سگهئون ٿا.

                 جيڪڏھن اھائي وبا ڪي ڏھاڪو سال اڳ برپا ٿي ھجي ھا ته سوچيو اسان ان وائرس جي ڦڙتين کي ڪيئن سڃاڻئون ھا؟

                 اڄ اسان وٽ اھا صلاحيت ميسر آھي ته اسان وائرس جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪري سندس ‘جينوم’ ۾ ٿيندڙ تبديلين کي وقت سر سڃاڻي سگهئون، جيڪا ڏهه سال اڳ موجود ڪونه ھئي.

                 انھي صلاحيت جي طفيل اسان وائرس تي نظر رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون ته اھو ڪٿي مقامي طور، ملڪي يا بين الاقوامي طور ڪيئن ڦھلجي ٿو. ڪھڙي شڪل ڪيئن پيش اچي ٿي ۽ ان معلومات ھي بنياد تي سماج کي محفوظ رکڻ جون ترڪيبون پڻ مرتب ٿين ٿيون.

انھي لياقت جي طفيل دنيا ھڪ سال جي قليل مدت ۾ ڪيتريون ساريون ويڪسين پڻ تيار ڪري ورتيون. جن جو لاڀ علاقائي سطح تي ته ضرور حاصل ڪيو ويو پر ڄئورن واري سرمائيداري ۽ مشھوريءَ جي متقاضي سياستدانن دنيا کي ان جو گڏيل لاڀ حاصل ڪرڻ ڪونه ڏنو. نتيجي طور اسان اڄ سوڌو وبا ۾ جڪڙيل آھيون.

وائرس جي ھين ۾ به انسانن جي ھين وانگر ٽيهه ھزار نشانيون آھن پر سن ۲۰۱۴ع ۾ آڪسفورڊ نينوپور ٽيڪنالاجيز Oxford Nanopore Technologies (ONT) in جي تيار ڪيل ‘منل آن’ MinlON نالي واري مشين ھڪ اسٽيپلر جيتري آھي جڏھن ته ٻيون ٽيڪنالاجيز ڀاري ڀرڪم مشينن تي مشتمل آھن.

سن ۱۶۔۲۰۱۳ دوران برپا ٿيندڙ ‘ايبولا’ جي وبا ۽ سن ۱۶۔۲۰۱۵ واري ‘زيڪا’ جي وبا ۾ ان ننڍڙي مشين سائنسدانن کي جينوم تشخيص ڪرڻ ۾ ترت سھولت فراھم ڪئي جنھن جو عالمي سطح تي استعمال ھن ڪووڊ ـ ۱۹ جي وبا ۾ ٿيو. ڏھاڪو سال اڳ ننڍي پئماني تي شروع ڪيل جينوم تحقيق اڄ ھڪ مڪمل سھولت طور ميسر آھي.

ڏٺو وڃي ته ھن عالمي وبا سماجن جي بنيادي ھيئيتن کي للڪاريو آھي جنھن ۾ صحت جون سھولتون، بچاءَ جو نظام، تعليم، آمدورفت، سياحت، سفر، معيشت، سياست، ملڪن جون ھڪ ٻئي سان دوستيون ـ دشمنيون، سفارتڪاري، صنعت، سرمائيداريءَ جا ڦاٽ سڀ پڌرا ٿي پيا آھن.

انھي نفسانفسي ۽ افراتفريءَ جي عالم ۾ سائنسي تحقيق ۽ جديد تشخيصي سھولتن جو گڏيل فائدو پڻ ڏٺو ويو آھي، جنھن ۾ جينياتي سائنس جو ڪردار پڻ نمايان ٿيو آھي. ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سنڌ جون درسگاھون ۽ ساڃاهه به رڳو ماضيءَ ۾ مزارن جي مجاوريءَ کان ٿورو، اڳتي ڏسي پنھنجي ادارن ۾ انھن نئين سھولتن کي جاءِ ڏئي ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن سان گڏ ھن نسل کي به تيار ڪري جيئن دنيا سان ڪلھو ڪلھي ملائي ھلڻ جھڙا ٿي سگهئون.