ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل  ڀرسان اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد سيال پل اسٽاپ وٽ قومي شاهراهه تي ڪراچي کان روھڙي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ مزدا وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ بعد مزدا ڪلٽي ٿي پئي، مزدا ۾ سوار چار ڄڻا فوت ۽ ست ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ امجد ميتلو، ذيشان سومرو، عبدالغفار ميتلو ۽ مزدا ڊرائيور سھيل سومرو شامل آھن، زخمين ۾ ذوالفقار علي ميتلو، عبدالستار ميتلو، شاھنواز ميتلو، عبدالمجيد ميتلو، وحيد علي ملڪ، عمران علي سومرو ۽ فاروق ميتلو شامل آھن، اڪنامڪ زون پوليس پھچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، پوليس موجب، مزدا سوار مال جا واپاري ھئا جيڪي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڍور ڪراچي جي پڙي تي کپائي واپس سکر وڃي رھيا ھئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا، اڪنامڪ زون پوليس مسافر ڪوچ ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.