گهوٽڪي: گهوٽڪي ڪچوٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ حبيب اوڳائي پتڻ وٽ پوليس مقابلي دوران فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار عبدالرحمان وسير جي شهادت واري هنڌ ڪوريج لاءِ ٽائيم نيوز گهوٽڪي جو رپورٽر ماجد سنگهڙ، ڪيمرامين عبدالقادر منگي، مبين احمد ڪولاچي ۽ ٽيرا آپريٽر عبدالرئوف سومرو پهتا ته هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ سبب ٽائيم نيوز جي ٽيم واري جي کڏي ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ويٺل رهي، اطلاع تي ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ڪچوبنڊي ٽو ٿاڻي تي پهتو، ڊي ايس پي رائونتي ۽ 10 کان وڌيڪ ٿاڻن جي ايس ايچ اوز ڪچي ۾ پهچي محفوظ طريقي سان پڪي تي پهچايو.