نواب شاھه (بيورورپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر چيو آهي ته ضلعي جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم هڪ هفتي اندر ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين لازمي طور تي ڪرائين، ٻي صورت ۾ سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت ويڪسين نه ڪرائيندڙ ملازمن جون پگهارون بند ڪرايون وينديون، اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ درٻار هال ۾ ضلعي جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ملازمن توڙي سمورن شهرين کي ڪرونا کان بچاءُ واري ويڪسينيشن ڪرائڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسينيشن بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ منفي خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن، جن جو صداقت سان ڪو تعلق نه آهي، تنهن ڪري ضلعي جي عوام کي گهرجي ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جون زندگيون محفوظ بنائڻ لاءِ ويڪسي نيشن ضرور لڳرائين. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي سمورن کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو هڪ هفتي اندر پنهنجي آفيس جي سموري عملي جي ويڪسينيشن ڪرائي رپورٽ ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرائين.