ڪورونا وائرس جا ڪلور: انڊيا جي حالت ۽ دنيا جو ردعمل 

0
210

  “اسان جي دنيا جا عجيب نمونا آهن، اڻ کُٽ کاڌو موجود آهي پر هڪ ارب ماڻهو بکيا سمهن ٿا، صرف چند ماڻهو عيش واري زندگي جيئن ٿا ۽ بقايا غربت واري، دوائن ۾ جدت اچي پئي پر ٻئي پاسي مائرون ٻار ڄڻڻ دوران مرن پيون ۽ ٻار گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، کربين روپيا هٿيارن تي خرچ ٿيندا آهن ماڻهن کي مارڻ لاءِ، بجاءِ انهن کي محفوظ رکڻ لاءِ ” اهي لفظ گڏيل قومن جي اڳوڻي صدر بان ڪي مون جا آهن، جيڪي اڄ جي وقت جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿا. نوول ڪورونا وائرس جي ڪري هزارين ماڻهو مري رهيا آهن، پر اڪثر ملڪن وٽ نه ويڪسين آهي نه ميڊيڪل گهرجون پوريون ڪندڙ اوزار. هر ملڪ ميزائلن ۽ هٿيارن تي کربين روپيا خرچ ڪري ڇڏين ٿا پر صحت، تعليم ۽ ڀلائي جي ڪمن لاءِ هٿ سوڙهو ڪريو ڇڏين.ڪووڊ 19 جي تيزي سان ڦهلجڻ ۽ فوتگين جي حوالي سان هن وقت انڊيا جي حالت تمام ڏکئي مرحلي ۾ آهي. ڪووڊ 19 جي ٽئين لهر سبب انڊيا ۾ آڪسيجن ۽ وينٽيليٽرز جي قلت ٿي وئي آهي. هر روز ٽي کان چار لک نوان ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ 2500 کان 3000 ماڻهو روز جي بنياد تي اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن.  شمشان گھاٽ ۽ قبرستان پُر ٿيندا پيا وڃن. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انڊيا دنيا جو ڪورونا مريضن جي صف ۾ اول نمبر تي اچي ويندو. 
انڊيا ۾ تيزي سان وڌندڙ ڪيسن جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
انڊيا جي ڪجهه ماهر وائرولاجسٽ جو خيال آهي ته انگلينڊ، سائوٿ آفريڪا ۽ برازيل ۾ جيڪو نئون وئيرينٽ آيو هو اهو ماڻهن جي اچ وڃ سبب انڊيا تائين به پهتو جتي ان جو  جو ڊي اين اي، تبديل ٿيو آهي جنهن کي انهن ڊبل ويريئنٽ يا ڊبل ميوٽنٽ جو نالو ڏنو آهي، مارچ ۾ انڊيا جي نيشنل سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول NCDC مهارشٽرا، پنجاب ۽ نيو دهلي جي ڪجهه ماڻهن جي سليوا مان ورتل ڪجهه نمونن مان به تصديق ڪئي آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته ڪووڊ جي تصديق ٿيل 12 ويريئنٽ ۾ هي سڀ کان خطرناڪ ثابت ٿيو آهي. 
ٻيو سبب اهو آهي ته ماڻهن هن وائرس کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. جنهن ۾ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار رهيو هو. نتيجي ۾ ماڻهن نه احتياط ڪيو پئي نه ئي هدايتن تي عمل پئي ڪيو. ٽيون سبب انسٽيٽيوٽ آف جينومڪس اينڊ انٽيگراٽو بائيولاجي IGIB پنهنجي هڪ ريسرچ موجب اهو چئي ٿو ته 20 کان 30 سيڪڙو اهڙا ماڻهو جن کي ڪووڊ ٿيو هو ۽ ڇهن مهينن کانپوءِ انهن جي قوت مدافعت برقرار به ٿي رهي ۽ ٻيهر وائرس جو حملو انهن تي ٿئي ٿو. چوٿون سبب ايس او پيز کي مڪمل نظرانداز ڪري عام زندگي جا سڀ ڪاروهنوار هلائڻ به آهن. 
انڊيا جي ان ڏکئي وقت ۾ ڪهڙا ملڪ ان سان گڏ آهن؟
پاڪستان ۽ انڊيا هميشه کان هڪ ٻئي جا دشمن ملڪ سمجهيا وڃن ٿا ، پر انڊيا جي هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي پوري حمايت سان انڊيا سان گڏ بيٺي آهي، پاڪستان جي وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انڊيا سان همدري جو اظهار ڪيو ۽ هر ممڪن مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي حڪومت کي خط لکي پنجاھه ايمبولينس موڪلڻ جي درخواست ڪئي آهي. گذريل ٻن ڏينهن کان پاڪستان ۾ ٽويٽر تي ٽاپ ٽرينڊ به انڊيا سان ھمدردي ئي رهيو آهي. چين، يورپين يونين، جرمني ۽ برطانيا به انڊيا سان همدردي جو اظهار سان گڏ ممڪن مدد جي خاطري ڪئي آهي. سڀني ملڪن مان روس اڳڀرو آهي جنهن انڊيا کي آڪسيجن ۽ ريمڊيسور  انجيڪشنون پندرنهن ڏينهن اندر موڪلڻ جي خاطري ڪئي آهي. ان کانسواءِ مئي جي آخر تائين اسپوٽنڪ V ويڪسين به ڏيندو. ڏسجي ته انڊيا هميشه آمريڪا جي ڪلهي تي ڪُڏيو آهي، جنهن کي ويجهو دوست سمجهي ان جي غيرقانوني قدمن ۾ به مدد ڪندو رهي ٿو. بدلي ۾  آمريڪا هميشه مفادپرست رهيو آهي، ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جي به ڪم نه ايندو آهي. آمريڪا لاءِ اهو به مشهور آهي ته هو مفاد ڏسي سياست ڪندو آهي. آمريڪا پاران ان جي معاون ڪانگريس کي درخواست ڪئي آهي ته انڊيا جي مدد ڪئي وڃي پر جواب ۾  هن ڪالم لکڻ تائين ڪو بيان سامهون ڪونه آيو آهي.
انڊيا جي آڪسيجن  جي کپت ڪيتري آهي؟
انڊيا کي جيڪا آڪسيجن جي هينئر ضرورت آهي اُها آهي 7800 کان 8000 ميٽرڪ ٽن ۽ جڏهن ته پيداوار 7000 ميٽرڪ ٽن آهي. جنهن ۾ موقعي پرست ۽ ذخيره اندوز به ڀرپور فائدو وٺندا، ان حساب سان انڊيا کي ٻاهرين ملڪن جي مدد جي سخت ضرورت آهي. روس سان گڏ جرمني به آڪسيجن جنريشن پلانٽ ايڪسپورٽ ڪندو.پاڪستان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟جڏھن کان ڪووڊ 19 وائرس پکڙيو آهي ان بابت مختلف نظرين جنم ورتو آهي. اسان جي ملڪ ۾ اڪثريت هن وائرس کي محض افواهه، سازش ۽ ڪوڙ قرار ڏئي ٿي. شايد ماڻهن کي اهو انتظار آهي ته ٻين ملڪن جيان هتي به لاش ڪرن ۽ افراتفري ڦهلجي پوءِ ئي يقين ڪبو،الله نه ڪري اهڙي ڪا صورتحال اسان وٽ ٿئي. ڇو ته اسان اڳئي معاشي طور تباھه ٿيا پيا آهيون ۽ نه ئي اسان وٽ گهربل ميڊيڪل سهولتون آهن جو اهڙي وبا کي منهن ڏئي سگهجي.پاڪستان حڪومت ڪجهه شهرن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج جي مدد به ورتي آهي ۽ عمران خان جو اهو به چوڻ آهي ته مڪمل لاڪڊائون ڏانهن ڪونه وينداسين ڇو جو معاشي طور اسان بلڪل ڪمزور آهيون.پاڪستان ۾ به پنجاب صوبي ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجي پيو. ڏسون ٿا حڪومت وڌيڪ ڪهڙا اپاءَ وٺي ٿي پر گڏوگڏ عوام کي به هاڻي سنجيده ٿيڻو پوندو. ايئن نه ٿئي جو پاڻي مٿي کان چڙهي وڃي ۽ اسان انهي سوال ۾ منجھيا پيا هجون ته واقعي ڪورونا وائرس جو وجود به آهي يا ٻاهرين سازش آهي.