سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريلين ڪرڪيٽر ايسوسيئيشن طرفان آسٽريلوي ڪرڪيٽرز کي ڪورونا وائرس جي تازي صورتحال کي نظر ۾ رکي معاهدو ڪرڻ کان اڳ هوم ورڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪرڪيٽرز خطرن کي ڏسي ليگز سان معاهدا ڪن. چيف ايگزيڪيوٽو ٽاڊ گرينبرگ جو چوڻ هو ته وبا جي ڪري حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن، تنهنڪري صورتحال کي نظر ۾ رکي معاهدا ڪيا وڃن. ٽاڊ گرينبرگ موجب رناديگرن کي ان وقت جيڪو تجربو ٿيو آهي، اهو سڄي زندگي ياد رکندا.