سنڌ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ فوج طلب ڪرڻ جي سفارش

0
310

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا بابت جڙيل ٽاسڪ فورس ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ فوج طلب ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته فوج مقرري بابت باضابطا طور درخواست اڄ ڏني ويندي، حيدرآباد جي 18 مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون دوران شهرين جي چرپر تي پابندي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳل علائقن ۾ رهواسين کي غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، ميڊيڪل اسٽور ۽ کير سوڌو عام واهپي جي شين جا دڪان کُليل رھيا.