اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري ئي ته پاڪستان اندر وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا، جن لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ ڪورونا جي بگڙيل صورتحال جي پيش نظر ڀارت کان آمدرفت تي اپريل جي ٽئين هفتي کان مڪمل پابندي لاڳو آهي، جنهن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي.