ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلشن لطيف ۽ بلال ڪالوني ۾ پورهتين تي حملن جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪالهه سنڌو چوڪ کان مرتضيٰ چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي سارنگ جويو، مسعود شاھ، لطيف ميمڻ، ياسين جھلڻ، گلزار سولنگي، رزاق گبول خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي سرپرستيءَ ۾ پورهيتن تي حملا ڪرايا پيا وڃن، تازي واقعي ۾ 30 جي لڳ ڀڳ پورهيت زخمي ٿيا آھن، نوجوان پرويز جاگيراڻي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل آھي، حملن بعد شرپسندن پاران ھوائي فائرنگ ڪري هراس پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته شرپسندن خلاف ڪابه ڪارروائي ناھي ٿي ۽ نه ئي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، پوليس ويتر 2 متاثر پورهيتن کي کنڀي کڻي وئي آھي.