ڪوئيٽا جي پشتون آباد مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 100 دڪان سڙي ويا

0
323
بڇيري ۾ وحشي پٽن پيرسن

ڪراچي (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ پشتون آباد مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 100 دڪان سڙي ويا، ريسڪيو عملدارن موجب واقعو پشتون آباد جي علائقي تارو چوڪ ۾ پيش آيو جتي بازار ۾ باهه لڳي وئي جنهن ٻين دڪانن کي به سڙي رک ڪري ڇڏيو

واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ فائر برگيڊ جون 6 گاڏيون فوري طور تي باهه وسائڻ شروع ڪري ڏنيون

ريسڪيو عملدارن موجب باهه لڳڻ سبب 100 ننڍا وڏا دڪان سڙي رک ٿي ويا ۽ سامان به سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب مارڪيٽ ۾ ڪپڙن جا اڪثر دڪان سڙي رک ٿي ويا، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته بازار ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي