ڪهڙا ڪيس هلايون، ڪهڙا نه، لسٽ ڏيو: نيب چيئرمين کي خط

0
272

اسلام آباد:  اسلام آباد جي احتساب عدالت جي هڪ ٻئي جج به  نيب چيئرمين کي خط لکي چيو آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس تحت، نيب جا ڪهڙا ريفرنس هلندا ڪهڙا نه انهن جي لسٽ فراهم ڪئي وڃي.  جج محمد بشير کانپوءِ جج اعظم خان به چيئرمين نيب جسٽس (ر)  جاويد اقبال کي خط لکي ڇڏيو.

خط ۾ لکيو ويو آهي ته نيب ڪيسن ۾ نامزد جوابدار ترميمي آرڊيننس تحت بريت جو مطالبو ڪري رهيا آهن، نيب ڪيسن جي لسٽ فراهم ڪري جن کي واپس ورتو وڃي يا ختم ڪيو وڃي،

واپس ورتل ڪيسن جي لسٽ ملڻ سان عدالت جو وقت بچندو. جج چيو ته ترميمي آرڊيننس چيئرمين نيب کي ڪيس واپس وٺڻ جو اختيار ڏئي ٿو، نئين قانون ۾ ڪو به ابهام ناهي ان ڪري لسٽ فراهم ڪئي وڃي.