ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد هيبت روڊ سان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳڀرو نوجوان زاهد سندراڻي بگٽي مارجي ويو. هٿياربند واقعو ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا.وارثن کي واقعي جو اطلاع ملڻ بعد وارث پهچي پوليس سان گڏجي نوجوان جو لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو جتي نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.جڏهن ته نوجوان جي لاش مٿان وارث ماتم ڪندا گهر طرف روانا ٿي ويا ۽ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. پوليس اسپتال ۾ ئي معلومات وٺي واپس رواني ٿي وئي. واقعو ڪندڙ ڪوبه هٿياربند پوليس جي گرفت ۾ نه اچي سگهيو جڏهن ته وارثن پاران قاتلن جي سڃاڻپ نه ڪئي ۽ واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو.