ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ هڪ سال اڳ پوليس اھلڪار ضمير کوسو کي شراب جي نشي ۾ ڌت جوابدار روھيت ڪمار، اسرار اعواڻ پسٽل جا فائر ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو. جنھن جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ھو ۽ اهڙو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ هو. سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام قادر تنيو جي عدالت ڪيس ۾ جوابدار روهت ڪمار ۽ اسرار اعواڻ کي 10-10 سال قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو آهي.