ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور ويندڙ سول جج کان ڦر

0
228

ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور ويندڙ سول جج کان شڪارپور خانپور روڊ تي ڦر، هٿياربندن سول جج امر لال جي گاڏي روڪي جج، سندس ريڊر، گارڊ ۽ ڊرائيور کي يرغمال بڻايو

 جوابدار موبائيل فون ۽ نقد رقم ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، ساڳئي روڊ تي ٽول پلازه ويجهو موڪل تي ڳوٺ ويندڙ فوجي جوان کان به ڦرلٽ ڪئي وئي

 جوابدار فوجي جوان خير بخش سنجراڻي کان روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦري ويا

ڳوٺاڻن پاران وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي، بدامني تي ڪنٽرول ڪري ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي