ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس پاران 7 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس محمد مريد جکراڻي،مقبول احمد، محمد ڪاشف،ممتاز علي،اعجاز احمد،قيصر اقبال سميت 7 ڄڻن کي فون ڪري ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي ڏوهارين هٿان اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب 7 ئي ڄڻن جو تعلق جيڪب آباد،رحيم يار خان، خيرپور،پاڪ پتڻ، منڊي بهائوالدين ۽ لاهور سان آهي، پوليس موجب 7 ئي ڄڻن کي تيغاڻي ۽ جاگيراڻي گينگ جا ڏوهاري اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا هئا، جنهن کي ٽيڪنيڪل ٽيم ذريعي ناڪام بڻائي ورتو آهي.