ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) عورتاڻي آواز سان ڌاڙيل ٽولي سان رابطو ڪندڙ 4 ڄڻن کي پوليس پاران آگاهه ڪري اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. پوليس پاران 4 ڄڻا دادن، زبير منگي، ثناءُالله چانڊيو، محمد علي بروهي جن تعلق سيوهڻ، گهوٽڪي، لاڙڪاڻه، نوابشاهه سان آهي، جيڪي فون ذريعي تيغاڻي ۽ جاگيراڻي گينگ جي ڏوهارين سان عورتاڻي آواز سان رابطي ۾ هئا، جيڪي هنن کي ڪچي گهرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا هئا، پوليس ڌاڙيل ٽولي جي اهڙي منصوبي کي ناڪام بڻائي 4 ئي ڄڻن کي آگاهه ڪيو ويو ته جن نمبرز تي اوهان رابطي ۾ آهيو، اهي ڌاڙيل ٽولي جا نمبرز آهن، هنن سان ڳالهائڻ کان پاسو ڪريو هو اوهان کي ڪچي گهرائي اغوا ڪرڻ چاهين ٿا.