ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪنڌڪوٽ پوليس پاران ڏوهارين جي سهولتڪار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس پاران ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ايس ايچ او غلام قادر بنگوار ۽ سي آءِ اي انچارج عثمان پهنور خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ ڏوهارين جي سهولتڪار ملگزار ولد چاڪر بهلڪاڻي کي اصلحي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته ڏوهارين جو سهولتڪار اغوا ڀنگ طلب ڪرڻ،عورتاڻي آواز ۾ ماڻهن کي هرڪائي اغوا ڪرائيندڙ ۽ جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوهارين پاران شهرين کي اغوا ڪري گرفتار ٿيندڙ سهولتڪار کان ڀنگ جا پئسا وٺرايا ويندا هئا ۽ پوليس اهڙي سهولتڪار کي گرفتار ڪري وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.پوليس جو چوڻ هو ته سهولتڪار کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي. پوليس موجب سهولتڪار خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن.