ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ضلعي ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پريس ڪلب اڳيان نصرالله چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي، ظريت بجاراڻي، ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته 2 سال کان امن و امان جي بحالي لاءِ روڊن تي آهيون، ڪراچي تائين احتجاج ڪيو، حڪومتي نمائندا چون ٿا سڀ ٺيڪ آهي. هنن چيو ته حڪومتي نمائندا کي پروٽوڪول ڏنو ٿو وڃي، شهرين کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، اسان سمجهون ٿا ته امن و امان جي بحالي ۾ رڪاوٽ زرداري ۽ مراد علي شاهه آهن، امن بحال ٿيڻ تائين تحريڪ جاري رهندي.