ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان ھڪ ھفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 2 نينگر نه مليا، ان ڏس ۾ ڳوٺ پهلوان واسي ٻن سئوٽن 12 سالا سوڍو ۽ 16 سالا ارشاد جعفري جو اڃا تائين ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، جنهن ڪري وارثن ۾ بيچيني ڦهليل آهي، وارثن ۽ جعفري برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪندي
نينگرن جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي احسن عباس جعفري، شريف جعفري، عبدالعزيز جعفري، منظور جعفري ۽ ٻين چيو ته هڪ هفتو ٿي ويو آھي پر پوليس نينگرن جي ڳولا لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن شڪ ظاهر ڪيو ته ٻنهي نينگرن کي اغوا ڪيو ويو، کين بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.