حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن پاران سول اسپتال ۽ ڄامشورو اسپتال جي 182 ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عبدالمجيد جتوئي، امتياز ڪوري، روي تنبولي، آصف انصاري ۽ ٻين چيو 2018ع دوران صحت کاتي ڄامشورو ۽ سول اسپتال ۾ ڪلارڪ، وارڊ سرونٽ، نائب قاصد ۽ ٻين پوسٽن تي 182 ملازمن کي ڀرتي ڪيو هو پر صحت کاتو انهن ملازمن کان ڊيوٽيون ته وٺي رهيو آهي پر ملازمن کي 3 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين پگهارون نه ڏنيون ويون آهن. هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ باوجود ڪورونا وبا ۾ به ڄاڻايل ملازمن نوڪريون ادا ڪيون. گڏوگڏ مختلف وقتن تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ انهن عدالتن سان به رجوع ڪيو آهي پر صحت کاتو سندن ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هنن چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو ته ملازمن فوري طور تي رهيل پگهارون ادا ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ هو وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا.