ميرپورخاص (رپورٽر) اين آءِ سي وي ڊي جي قيام لاءِ ميرپورخاص واسي روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي، مظاهرو. ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن محمود صابري، واجد لغاري، مولانا حفيظ الرحمان فيض، پريم ڪمار ۽ ٻين چيو ته اليڪشن وقت ووٽ گھرڻ وارا اليڪشن کٽڻ بعد نظر ئي نه ايندا آھن، ھنن وڌيڪ چيو ته ميرپورخاص ڊويزنل ھيڊڪوارٽر آھي ۽ ضلعي جي 16 لک کان وڌيڪ آبادي آھي پر ان جي باجود شھري اين آءِ سي وي ڊي کان محروم آھن، جڏھن ته ميرپورخاص جي سول اسپتال ۾ دل جي وارڊ ۾ سھولتون ناھن، جنھن سبب مريضن کي ريفر ڪيو ويندو آھي، جتي دل جي مريضن کي ٻين شھرن ۾ علاج لاءِ نيئندي دوران رستن ۾ ئي فوت ٿي ويندا آھن، ھنن اعلان ڪيو ته ميرپورخاص ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي قيام تائين تڪ جي نمائندن کي جتي به ڏسو انھن تي ٽماٽن جي برسات ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته اين آءِ سي وي ڊي جي قيام کي ممڪن بڻائي شھرين کي صحت جون بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن، مظاھري ۾ شريڪ ٻارڙن جي ھٿن ۾ چونڊيل نمائنده خلاف بينر ھئا