ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي مال پڙي ۾ قرباني جي جانورن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. قرباني جي عيد ويجهو مال پڙين تي رش نه هجڻ برابر آهي.ڍورن جا ريٽ مهانگا هجڻ ڪري خريد ڪندڙ شهرين جون دانهون نڪري ويون.قرباني جي ڍورن تي استعمال ٿيندڙ اوزار به تيز ٿيڻ لڳا اوزار تيز ڪندڙ دڪان تي شهرين جي وڏي رش موجود رهي.مال پڙي تي ڍور مهنگا ملڻ جون دانهون ڪندي شهري بغير قرباني ڍور خريد ڪئي واپس ٿيڻ لڳا.ان سلسلي ۾ شهرين عبدالعزيز سومرو، موريو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل سال قرباني لاءِ گابو 70 هزار ۾ خريد ڪيو، هن سال ڏيڍ کان 2 لک تائين ملي ٿو. في ڍور تي 4 کان 5 هزار پرچي لکڻ جي وٺي رهيا آهن، هي ڇا جي ٽيڪس آهي ضلعي انتظاميا ظاهر ئي ناهي. واپارين جو چوڻ هو ته مهانگائي ۽ بدامني جي ڪري آهي ٻاهران ڍور ناهن آيا ۽ شهري به گهرن کان ٻاهر ناهن نڪتا جنهن ڪري مال پڙي ۾ مهانگائي عروج تي آهي.ڍور تمام گهٽ آهن، هن ڀيري بدامني جي خوف سبب ٻاهران واپاري ناهن آيا، هوڏانهن ڇريون تکيون ڪندڙ دڪاندار جو چوڻ هو ته هن عيد تي شهري نوان اوزار خريد نه پيا ڪن، پراڻا اوزار تيز ڪرائي رهيا آهن.  شهرين جو چوڻ هو ته نوان اوزار مهانگا پيا ملن، پراڻا اوزار تيز ڪرڻ جا به في اوزار تي 400 رپيا ورتا پيا وڃن.