ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڪچي ۾ رتو ڇاڻ، گم ٿيل چوپائي مال جو پيرو کڻندڙن تي هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ 3 ڀائرن ۽ سندن پيءُ سميت 9 ڄڻا قتل، هڪ زخمي. خبر موجب ڪنڌڪوٽ دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ گذريل ڏينهن چاچڙ برادري جي ماڻهن جو چوپايو مال گم ٿي ويو هو، جنهن بابت ڀاڳين کي سڌ پئي ته سندن مال سبزوئي برادري جي ماڻهن وٽ آهي، ان ڏس ۾ چاچڙ برادري جي 10 ماڻهن تي ٻڌل ٽولو مال جو پيرو کڻي وڃي رهيو هو ته ڳوٺ پيراڻو چاچڙ وٽ مورچن ۾ اڳواٽ لڪي ويٺل 25 کان وڌيڪ هٿياربندن مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. قتل ٿيلن ۾ 3 سڳا ڀائر حامد، خالق حضورو ۽ سندن والد الهواريو، راحب، شعبان، شاهمراد، منظور ۽ انور شامل آهن، جڏهن ته ذوالفقار چاچڙ زخمي ٿي پيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. هٿياربندن هٿان مارجي ويل چاچڙ برادري جي ماڻهن جا لاش ڪيتري ئي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جڏهن ته بعد ۾ اطلاع تي وارثن پهچي لاش ڳوٺ منتقل ڪيا، جڏهن ته ٻن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندا ويا، جڏهن ته باقي 7 لاشن جا ڊاڪٽرن کي ڪچي ۾ ڄاڻايل ڳوٺ گهرائي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ 9 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي، جڏهن ته فائرنگ سبب آسپاس جا رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.