ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻار عظيم ميڻڪ، مزار خان گولو، واجب گولو، موتي رام، نندلال ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي پاران 20 ڏينهن به گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي حافظ نصر الله چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي، اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي ۽ بين چيو ته امن تحريڪ ۾ شھر جو ھر طبقو شامل آهي، ھر سياسي جماعت امن لاءِ آواز اٿاري رھي آهي پر ان جي باوجود پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪو به قدم نه پئي کڻي، هنن اعلان ڪيو ته مغوين جي بازيابي ۽ بدامني خلاف اڄ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي ويندي.