ڪنڌڪوٽ: بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 6 هزار تان، جرڳي ۾ ڏنڊ 35 لک رپيا!!

0
314

ڪنڌڪوٽ:بنگوار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ 6 هزار روپين جي ڳالهه تان ڪجهه وقت اڳ جهيڙو ٿيو هو، ٻنهي ڌرين جي جهيڙي دوران بنگوار برادري جي نور حسن ۽ صالح محمد بنگوار هٿان شاھ بيگ بنگوار قتل ٿيو هو. ٻنهي ڌرين وچ ۾ جرڳو اڪبر علي بنگوار مقدم حضور بخش بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿيو. نور حسن بنگوار ۽ صالح محمد بنگوار تي ٽيھه لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو ۽ پنج لک رپيا خرچ رکيو ويو، ڪل رقم 35 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جهيڙيندڙ ڌر ساڍا چار لک روپيا موقعي تي ادا ڪيا بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.جرڳي ۾ ٺاه ٿيڻ بعد ڌريون پاڻ ۾ ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويون.