ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ ريلوي لائين واري علائقي ۾ بجلي جي 11 هزار وولٽيج وارين تارن ۾ نوجوان جو چنبڙيل لاش ھٿ آيو، علائقي واسين ڪنڊيارو پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن پهچي بجلي بند ڪرائي نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان جي سڃاڻپ سڃاڻپ ڳوٺ لعل بخش مڱريو واسي بدر پٽ الله وڌايو مڱريو طور ٿي، فوتي جي چاچي ذولفقار مڱريو ٻڌايو ته ڀائيٽي جو ذھني توازن درست نه هئو، جنهن ڪري انت آندو، علائقي واسين موجب نوجوان پول تي چڙھي بجلي جي تار ۾ هٿ وجهي خودڪشي ڪئي آهي.