ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ۾ پينو فقير نينگري نازيا جي جنسي زيادتي بعد فوت ٿيڻ واري مامري جو صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن النجار پاران نوٽيس وٺڻ بعد ڪنڊيارو پوليس معاملي جو ڪيس داخل ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، فوت ٿي ويل نينگري نازيا ڀٽي جي والد صابر ڀٽي جي فرياد تي ٻن سڃاتل ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ نعمان، علي قريشي ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فوتي نينگري جي فريادي پيءُ صابر ڀٽي موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدارن نياڻي کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد نينگري جي نازڪ عضوي مان خون آيو ۽ سندس طبعيت خراب ٿي وئي، کيس اسپتال کڻي وياسين جتي هوءَ فوت ٿي وئي، پوليس ڪارروائي ڪري ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار نعمان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏھن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، واضع رهي ته پنج کان وڌيڪ جوابدارن پينو نينگري نازيا ڀٽي سان مبينا ڏاڍائي ڪئي هئي، جنهن سبب هوءَ فوت ٿي وئي.