ڪنڊيارو: ڊاڪٽرز ۽ عملو ڊيوٽين تان غائب، اسپتال چوڪيدار حوالي

0
167
ڪنڊيارو: ڊاڪٽرز ۽ عملو ڊيوٽين تان غائب، اسپتال چوڪيدار حوالي
ڪنڊيارو: ڊاڪٽرز ۽ عملو ڊيوٽين تان غائب، اسپتال چوڪيدار حوالي

ڪنڊيارو(ن پ ا) تعلقي اسپتال ڪنڊيارو ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو رات جي ڊيوٽين تان غائب هجڻ ڪري اسپتال چوڪيدار حوالي ٿيڻ لڳي جنهن سبب علاج لاءِ ايندڙ مريض سخت ڏکيائڻ کي منهن ڏيڻ لڳا

اسپتال ۾ ڊاڪٽر توڙي ٻئي عملي جي رات جي وقت غير موجودگي واري وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسپتال اندر ڪو به ڊاڪٽر توڙي ٻيو عملو ڊيوٽي تي موجود ناهي

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اڪثر ڊاڪٽر رات جي وقت ڊيوٽي تان غائب رهن ٿا، اسپتال جي ڪروڙين رپيا بجيٽ اچي ٿي پر ڪا به سهولت نٿي ملي