ڪنڊيارو ويجهو ڍوڍا مائينر کي 20 فوٽ گهارو، فصل ٻڏي ويا

0
207
ڍوڍا مائينر کي 20 فوٽ گهارو
ڪنڊيارو ويجهو ڍوڍا مائينر کي 20 فوٽ گهارو، فصل ٻڏي ويا

ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو ڍوڍا مائينر کي 20 فوٽ گهارو، فصل ۽ باغ پاڻي هيٺ، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، خبر موجب روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ ڍوڍا مائنر کي ڳوٺ ڄام نورالله وٽان 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ ليمن جا باغ پاڻي هيٺ اچي ويا،

اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ گھاري تي ضابطو آندو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن اصغر، پيرل، حاقن ۽ ٻين ٻڌايو ته آبپاشي عملدارن جي عدم دلچسپي سبب شاخ جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن، هر مهيني ڪٿان نه ڪٿان شاخ کي گهارو پوي ٿو،

هنن مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او اعجاز سهتو ٻڌايو ته شاخ کي گهارو ناهي لڳو، معمولي روڻيون پيون آهن، جيڪي وقت سر پهچي بند ڪرايون آهن.