ڪنڊيارو ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

0
188
ڪراچي: اورنگي ٽائون

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو جهيڙي دوران همراه قتل ٿي ويو، ڳوٺ خميسو حطار ۾ حطار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري محمد امين حطار مارجي ويو، جنهن جو لاش تعلقه اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو ويو، مقتول جي والد جو چوڻ آهي ته قتل ڪندڙ ڌر مسجد جي هجري واري زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان منع ڪرڻ تي اسان جي پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي..