ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شھر سان تعلق ڪراچي جي يونائيٽيڊ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھندڙ نوجوان فراز اڪبر گھانگھرو ڪراچي مان ڪالهه شام کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ سندس ويجهي عزيز ذوالفقار گهانگهرو ٻڌايو ته فراز ڪراچي جي يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهي گذريل ڏينهن نڪرڻ بعد هو واپس گهر ناهي آيو. شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي هن وس وارن کي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.