ڪنڊو لڳو پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو!

0
133
بجيٽ کان پوءِ ٻي وڏي واردات!
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

خبرون آهن ته، آءِ جي سنڌ هدايتون جاري ڪيون آهن ته، تعليمي ادارن کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ منشيات کي تعليمي ادارن ۾ عام ڪندڙ ماڻهن ۽ گروهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. اهڙو فيصلو آءِ جي سنڌ جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس ايس پيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايڊيشنل آءِ جيز وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال سميت منشيات، گٽڪي ۽ مائي جي خلاف پوليس ڪارڪردگي ۽ سمورين سماجي برائين جي ڪنٽرول لاءِ قدمن تي ويچاريو ويو.

سنڌ تي گهڻ طرفي يلغار آهي. سنڌ جي ماڻهن جي وڌيل اجتماعي سياسي شعور کان خائف ۽ خوفزده قوتن ايم آر ڊي کانپوءِ هڪ پاسي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جي صورت ۾ ته شهرن ۾ دهشتگردن جي صورت ۾ اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهي ڇڏي آهي ته ٻئي طرف منشيات جي تياري، وڪري ۽ واهپي ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي موالي بڻائي، انهن جي مزاحمت واري قوت کي ماٺو ڪري ان حد تائين پهچائڻ جو ارادو ڪيل ٿو ڏسجي، جهڙي نموني چينين کي آفيم جو عادي بڻائي ڪيو ويو هو. هاڻي ته نئين نسل کي تباهه ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ به منشيات جو وڪرو ۽ واهپو جاري آهي. سنڌ ۾ گٽڪي، مين پڙي سميت منشيات جي تياري، وڪرو ۽ واهپو خطرناڪ صورت اختيار ڪري ويو آهي. ان حقيقت  کان انڪار ممڪن نه آهي ته گٽڪو ۽ مائو ٺاهيندڙ اڪثر ڪارخانا پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ آهن. هتي اسان سنڌ جي پوليس سربراهه کي اها رپورٽ ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا، جيڪا ڪجهه وقت اڳ پوليس جي اسپيشل برانچ ڏني هئي، جنهن ۾ گٽڪي جا ڪارخانا پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلڻ جو انڪشاف ٿيل هو ۽ انگ اکر به ڏنا ويا هئا. ان ڪري پهرين ته اها “تطهير” پوليس ۾ ٿيڻ گهرجي. پوليس جڏهن منشيات جي سرپرستي ڪرڻ ۾ پاڻ ملوث آهي ته پوءِ ڪارروائي ڪنهن جي خلاف ٿيندي؟ “ڪنڊو لڳو پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو!” ڇا پوليس کي اها خبر ناهي ته تعليمي ادارن ۾ منشيات، گٽڪو ۽ مائو ڪيئن ٿو پهچي؟ هاڻي ته خطرناڪ ڪيميڪلن مان تيار ٿيل مين پڙيون سفينه، ايڪيهه سئو سميت مختلف نالن سان هلن ٿيون. مين پڙي، مائو ۽ گٽڪو سنڌ ۾ وڏي پئماني تي وات ۽ نڙيءَ جي ڪئنسر جي ڦهلاءَ جو سبب بڻيل آهن. پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هي زهر سنڌ جي نئين نسل جي وجود ۾ اوتيو پيو وڃي! اها ميڊيا تي رپورٽ ٿيل حقيقت آهي ته ڪڏهن منشيات پوليس موبائلن مان هٿ ايندي رهي آهي ته ڪڏهن اسپتالن جي ايمبولينسن مان پڪڙي ويندي آهي. اها منشيات ايتري ته عام ٿي چڪي آهي، جو  ڪجهه وقت اڳ لاڙڪاڻي ۾ 13 سالن جي ٻارڙي جي منشيات واپرائڻ واري وڊيو وائرل ٿي هئي. ڇا آءِ جي بهادر کي اها خبر نه آهي ته، ڪنهن به غير قانوني ڌنڌي جو پوليس جي ساٿ ۽ سرپرستيءَ کانسواءِ هلڻ ممڪن نه آهي! ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪنهن شهر ۾ گٽڪي جا ڪارخانا پوليس جي سرپرستيءَ کانسواءِ هلي رهيا هجن. پوليس جي سرپرستيءَ کان سواءِ منشيات جي تياري ۽ وڪرو ممڪن ڪونهي، جيئن مٿي ذڪر ڪيل پوليس جي اسپيشل برانچ جي رپورٽ مان ئي ظاهر آهي.

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي وڪري ۽ واهپي تي آءِ جي بهادر جي ڳڻتيءَ کي اسان تحسين جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پر اسان اهو ضرور چوڻ چاهينداسين ته ان آپريشن جي شروعات پوليس کان ڪئي وڃي. ڇا تعليمي ادارن ۾ گٽڪي، مائي ۽ ٻي منشيات جي وڪري ۽ واهپي مان پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي تصوير چِٽي ٿي سامهون نٿي اچي؟ اسان ائين ڪونه ٿا چئون ته، سڄو ڌڻ جي ڪارين رڍن تي مشتمل آهي پر اسان اهو ٿا چئون ته پوليس ۾ جيڪي ڪاريون رڍون آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پوليس لاءِ معطلي ڪا به سزا نه آهي. ان ڪري شروعات پوليس کان ٿيڻ گهرجي!