ڪنري ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار، 30 ڄڻا ڏاڙھي زخمي

0
248
سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي

ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار نه گھٽيو، ھڪ ھفتي ۾ 30 ڄڻا ڏاڙھجي زخمي ٿي پيا، سوا مھيني ۾ ڪتي ڏاڙھيلن جو انگ 150 ٿي ويو.

تعلقي جي مختلف علائقن ۾ رولو ۽ ڇتن جو آزار گھٽجڻ بدران ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳو آھي، ھلندڙ مھيني ۾ ھڪ ھفتي دوران رولو ڪتن 30 کان مٿي عورتن، ٻارن ۽ مردن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو.

متاثرن ۾ عائشا قاسم، ماني عالم، اويش ڪيول، مير سڪندر، ظاھران ۽ ٻيا شامل آهن، تعلقي اسپتال ۾ ڪتن ڏاڙھيل مريضن جي ڌڙا ڌڙ ڪيس اچڻ باوجود انتظاميه ۽ يوسيز سيڪريٽريز ڪتا مار مھم شروع ڪرڻ ۾ ناڪام آهن.

تعلقي جي 10 يوسين کي ڪتن مار مھم سميت ٻين ڪمن لاءِ ھر مھيني ملندڙ 5 لک روپيا ڪرپشن جي نظر ٿيڻ لڳا ۽ عوام کي رولو ڪتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.