ڪنري (ن پ ا) ڪنري شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي ھٿرادو وارابندي ۽ کوٽ خلاف آبادگارن آبپاشي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک ھڙتال ڪئي، ان موقعي تي آبادگارن اسماعيل رند، ميئن ساند، ظفر رند، وزير پٺاڻ، نظر رند، عمران آرائين، لکانو رند ۽ ٻين ٻڌايو ته سڄي سنڌ پاڻي پاڻي ٿي پئي آھي، پر ان باوجود اسان وٽ آبپاشي کاتي جي نااھلي سبب پاڻي جي شديد کوٽ آھي، هنن چيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ وارابندي ڪئي پئي وڃي، آبپاشي عملدار کاتو واهه ۾ پاڻي پورو ھجڻ باوجود اسان کي پاڻي نٿا ڏين، ھنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب چيٽ جي پوکائي سخت متاثر ٿي وئي آھي، پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، ھنن گھر ڪئي ته پاڻي جي هٿرادو وارابندي ۽ کوٽ ختم ڪري پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي عدالتن جو در کڙڪايو ويندو.