ڪنري ويجھو مبينا طور اغوا ٿيل ناري بازياب نهٿي، وارثن جو احتجاج

0
158
ڪنري ويجھو مبينا طور

ڪنري(ن پ ا) ٻه ھفتا اڳ ڳوٺ سومار ڪلر مان مبينا اغوا ٿيل ناري کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جنهن جي وارثن احتجاج ڪري پوليس تي ڌر ھجڻ جا الزام هنيا آهن

ھٿيارن جي زور تي اغوا ٿيل ناري نورجھان ڌيءِ خميسو ڪلر جي بازيابي لاءِ سندس وارثن محمد خان ڪلر، ممتاز، جمعون ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو

مظاھرين چيو آهي ته ٻه ھفتا گذرڻ باوجود پوليس نورجھان کي بازياب ناهي ڪرائي سگھي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران ٺلھا دلاسا ۽ آسرا ڏئي رولايو پيو وڃي

هنن الزام مڙهيو ته پوليس جوابدارن سان ڌر بڻيل آھي جنھن ڪري ڪابه اڳڀرائي نٿي ڪري، ناري کي جلد بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

ياد رھي ته مبينا اغوا ڄاڻايل ناري جو سندس مامي سومار ڪلر جي فرياد تي بلاول، آفتاب، فاروق ڪلر ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس بودرفارم ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي