دادو: ڊي ايف سي دادو دلشاد احمد سومرو رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته دادو شهر ۾ جوڻيجا فلور ملز پاران ايس پي چوڪ وٽ سستي اٽي جا اسٽال شروع ڪيا آهن ۽ ميهڙ، ڪي اين شاهه، جوهي ۽ ٻين شهرن ۾ به اڄ کان سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا. باقي دادو ضلعي ۾ سوين اٽي چڪين جو وجود ئي ناهي، اهي ڪاغذي ڪاروائي تائين محدود آهن ، ڪميشن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ الزام هنيا ويا آهن ، اصل ۾ فوڊ کاتي پاران مقرر ڪيل ڪاميٽي جي رپورٽ تي اٽي چڪي وارن جا چالان به ٺاهي رکيا آهن، ڊي ايف سي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڏيکاريل اٽي چڪي جي لسٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي موڪلي ويندي.