ڪشمير پريميئر ليگ: مظفرآباد ٽائيگرز فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
254

مظفر آباد(اسپورٽس نيوز) ڪشمير پريميئر ليگ ۾ مظفر آباد ٽائيگرز راولا ڪوٽ کي 7 رنز تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.مظفر آباد ٽائيگرز پهريان کيڏندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 164رنز ٺاهيون، جڏهن ته راولاڪوٽ جي ٽيم آخري اوو ۾ 157رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪشمير پريميئر ليگ جي ڪواليفائر ميچ ۾ مظفر آباد ٽائيگرز پهريان کيڏندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 164رنز ٺاهيون، انور علي 57 رنز ٺاهي نمايان رهيو. عمران رنڌاوا ۽ دانش عزيز 2-2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ راولا ڪوٽ جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون، حسين 52 رنز ٺاهي سگهيو. آخري اوور ۾ دانش عزيز جارحاڻو انداز اختيار ڪندي سهيل تنوير کي 19هين اوور ۾ هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هڻي ٽيم کي ڪاميابي ويجهو آندو پر سهيل مسلسل 2 بالن تي وڪيٽ وٺي ميچ جو پاسو تبديل ڪيو، جڏهن ته راولا ڪوٽ جو آخري بيٽسمين رن آئوٽ ٿيو ۽ مظفر آباد 7 رنز تان ميچ کٽي ايونٽ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.