ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪشمير پريميئر ليگ(ڪي پي ايل) جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪي پي ايل جي افتتاحي ميچ 6 آگسٽ تي راولا ڪوٽ هاڪس ۽ ميرپور رائلز وچ ۾ کيڏي ويندي، 7 آگسٽ تي باغ اسٽالينز ۽ ڪوٽلي لائنز وچ ۾ ميچ شيڊول آهي. ڪي پي ايل ڪواليفائر ميچ 14 آگسٽ تي کيڏي ويندي، جڏهن ته ايليمينيٽر ون جي ميچ 15 آگسٽ ۽ ٻي ايليمينيٽر 16 اگسٽ تي شيڊول آهي. ڪشمير پريميئر ليگ جي 19 مان 12 ميچز ڊي اين ڊ نائٽ ٿينديون ۽ ٽورنامينٽ جو فائنل 17 آگسٽ تي کيڏيو ويندو. ڪشمير پريميئر ليگ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايونٽ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ليگ ۾ ڪجهه پرڏيهي رانديگر به شرڪت ڪري رهيا آهن، هي ايونٽ پاڪستان سپر ليگ جيان دلچسپ ثابت ٿيندو.