ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ۾ بڊاڻي جي ڳوٺ گھنور سميجو واسي ڳوٺاڻن بڊاڻي پوليس جي زيادتين ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪشمور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن عنايت علي سميجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي بڊاڻي پوليس مٿان الزام لڳائيندي چيو ته بڊاڻي ٿاڻي جي ايس ايچ او بااثر وڏيري جي ونگار وھندي اسان جي 8 ڄڻن مٿان قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي بڊاڻي پوليس ٻين ٿاڻن جي پوليس سان گڏجي گهرن مٿان ڪاهه ڪري گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، اسان جي ٻن ماڻهن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن الزام لڳائيندي چيو ته بڊاڻي پوليس پاران هراسان ڪرڻ سبب پيرسن توڏل سميجو صدمي ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور ذيشان شفيق صديقي کان مطالبو ڪيو ته قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ بڊاڻي پوليس خلاف نوٽيس وٺي معاملي جي انڪوائري ڪرائي  وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي ڪشمور آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.