ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي ڳوٺ واحد بخش ملڪ ۾ باهه لڳڻ سبب ملڪ برادري جي ماڻهن جا 3 گهر سڙي خاڪ ٿي ويا، ان حوالي سان متاثرن عبداللطيف ملڪ، يار علي ملڪ، علي حسن ملڪ ، مير حسن ٻين دانهيندي ٻڌايو ته ٽي ايم او ڪشمور کي فون ڪري باھ لڳڻ جي اطلاع ڏنو پر فائر برگيڊ گاڏي دير سان پهتي، جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.