تنگواڻي (رپورٽ:لطف ملڪ) تنگواڻي جي جمال پوليس ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ رينجرس جي گڏيل آپريشن ۾ مبينا ڏوھاري صلاح الدين پٽ جتوئي نندواڻي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ۽ ٻن ڏوھارين کي زخمي پڻ ڪيو ويو، رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور بشير بروھي ٻڌايو ته جمال واري علائقي ۾ پوليس مٿان اوچتو فائرنگ ٿي جوابي فائرنگ ۾ مبينا ڏوھاري صلاح الدين مارجي ويو ۽ سندس جا 2 ساٿي زخمي پڻ ٿيا آھن، وڌيڪ پوليس ۽ رينجرس جو علائقي کي ڪڙو چاڙھي آپريشن ھلندڙ آھي،مارجي ويل ڏوھاري جو رڪارڊ جاچ ڪيون پيا، ھوڏانھن وارثن جتوئي نندواڻي ٻڌايو ته پٽ ڊاٽسن ھلائي پورھيو ڪري پيٽ گذر ڪندو آھي، پوليس بنا ڏوھ جي پٽ کي قتل ڪيو، واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.