ڪشمور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، 4 زخمي

0
226

ڪشمور(ن پ ا) ڪشمور جي ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڀائرن ۽ ڀائٽين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 18 سالن جو نوجوان جاويد کوسو مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، زخمين ۾ منظور کوسو ۽ آصف بروهي، ظھور کوسو ۽ حميد چانڊيو شامل آهي جن کي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو آهي، ڪشمور جي اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين اسرار احمد کوسو جو ڀاءُ احسان کوسو سان پراپرٽي معاملي تان تڪرار ھلندڙ ھو، ڪجهه ڏينهن کان ڌريون مورچا بند ھيون، اڄ ٻنهي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چاچن جي فائرنگ ۾ 18 سالن جو ڀائٽيو جاويد کوسو مارجي ويو آهي، ڪشمور پوليس طرفان ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي، زخمين کي طبعي امداد ڏيڻ بعد رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.