ڪشمور مان اغوا ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور بازياب

0
199

ڪشمور (رپورٽر) پوليس 18ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل ڪراچي واسي ٽيڪسي ڊرائيور کي بازياب ڪرائي ٻن عورتن ۽ هڪ مرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي، ڪشمور پوليس جي ترجمان موجب، 18 ڏينهن اڳ فيلمي گينگ دوکي سان ڪراچي کان ٽيڪسي ڪار ۾ سوار ٿي ڪچي جي علائقي ۾ ڪار سوڌو ڊرائيور راشد بٽ کي اغوا ڪيو هو، جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ايس ايڇ او سي سيڪشن ۽ اسپيشل ٽيم گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڳاڙهي موري وٽ ڇاپو هنيو، مقابلي ٿي بعد ڊرائيور راشد بٽ کي بازياب ڪرائي ڪار هٿ ڪئي، ٻن عورتن ۽ هڪ مرد کي گرفتار ڪيو آهي جن جو تعلق اوٻاوڙو سان آهي.