ڪرپشن به “ٽيم ورڪ” جي محتاج آهي!…

0
18
ڪرپشن به “ٽيم ورڪ” جي محتاج آهي!...

چوندا آھن ته “تاڙي ٻنھي ھٿن سان وڄندي آھي”. ان جو مطلب اھو آھي ته ڪنھن به سماجي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ ۽ پيداوار لاءِ گڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ يعني ٽيم ورڪ جي اھميت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي. يقينن ھي تصور ناڪاري توڙي ھاڪاري سوچن، روين ۽ عملن تي ھڪ جيترو لاڳو ٿئي ٿو. پر اھو ھڪ عام مشاھدو آھي ته سماج جي چھري تي ڪوڙھ جي داغ مثل بدعنوان ۽ ڦورو ٽولي جا ناڪاري، سماج دشمني ۽ بدعنواني تي مشتمل غلط ڪم ٽيم ورڪ کان سواءِ ممڪن ناھن، ڇو ته ٽيم ورڪ سڀني ناڪاري ڪمن جي شروعات ۽ انھن جي برقراري لاءِ ريڙھ جي ھڏيءَ مثل آھي. ان جي  برعڪس ھڪ فرد انفرادي طور تي ھاڪاري ڪمن توڙي  اجتماعي ترقي لاءِ بنا کٽڪي جي قانوني طور تي ھر وقت ۽ ھر ھنڌ اڪيلي سر شروعات ڪري سگھي ٿو. سندس اھا شروعات اڳتي ھلي ٽيم ورڪ جي اثر ھيٺ ڊاڪٽر رٿ فائو ۽ عبدالستار ايڌي جھڙن عظيم انسانن کي جنم ڏيندي آھي، جيڪي پنھنجي دور جي لاثاني عوامي فلاحي ادارن جا باني بڻجي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا.

ھراري چواڻي ته، انساني ٻولي ماڻھن ۽ انھن جي دلين ۾ ناڻي جو اھو ٻج ڇٽيو، جنھن اجنبي ماڻھن جي وچ ۾ ڀروسي ۽ تعاون جي فضا پيدا ڪئي ۽ جنھن ھڪ پاسي گڏيل مفادن تحت پاڻ ۾ ڪمن ۽ صلاحيتن جي ورڇ ۽ ڏيتي ليتي کي ممڪن بڻايو ته ٻئي پاسي انساني بقا ۽ تھذيب جي پڻ ڪئي. نتيجي ۾ ھن ڌرتيءَ تي انسان جيڪي ھڪ عام، ڊجندڙ، ڪمزور ۽ اقليتي مخلوق ھئا، انھن ٻين سڀني مخلوقات تي غلبو حاصل ڪيو، ڪيترن ئي جانورن جو نسل ختم ڪيو، ۽ پاڻ کي اقليت مان اڪثريت ۾ تبديل ڪيو. ساجد سومري جي لفظن ۾: “ايرڪ فرام جي مطابق حيواني وجود فطرت ۽ حيوان جي وچ ۾ جبري ھم آھنگي جو مظھر ھوندو آھي، جڏھن ته انساني وجود حيوان ۽ فطرت جي وچ ۾ عدم ھم آھنگي جي شعوري انتخاب جو مظھر ھوندو آھي، يعني انسان فطرت سان بغاوت ڪندي کيس تابع رکڻ گھرندو آھي”. جن عظيم انسانن، ڏاھن ۽ دانشورن انفرادي ۽ ذاتي خوشي ۽ ترقي جي ڀيٽ ۾ اجتماعي خوشين ۽ سماجي ترقي کي ترجيح ڏني، انھن جي علمي ۽ عملي خدمتن جي ڪري اسان اڄ جي دنيا ۾ امن، خوبصورتي ۽ ترقي جا ثمر کائي رھيا آھيون. ڪنھن شاعر خوب چيو آھي ته:

اپني ليئي تو جيتي هين سڀي اس جهان مين،

هي زندگي ڪا مقصد اورون ڪي ڪام آنا.

انفرادي خوشيءَ تي اجتماعي ۽ عوامي زندگين ۽ خوشين کي ترجيح ڏيندڙ ڏاھن انسانن جي ايجادن، دريافتن، اخترائن ۽ خدمتن جي بدولت اڄ اسان جھڙن عام انسانن جون زندگيون ماضيءَ جي بادشاھن کان به وڌيڪ افضل، خوبصورت ۽ آسان بڻيل آهن. فلاحي رياست ۾ ھڪ عام انسان پنھنجي گھر ۾ ھر قسم جي اندروني ۽ بيروني خطرن کان محفوظ آھي؛ ھو گھر ۾ ويٺي دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ يعني ست سمنڊ پار ڪنھن به مٽ مائٽ، دوست دلبر ۽ ٻئي ڪنھن ماڻھوءَ سان ڳالھائي سگھي ٿو ۽ ان کي روبرو ڏسي سگھي ٿو؛ ھن کي ھر وقت مناسب روشني، ھوا، پاڻي ۽ کاڌو ميسر آھي ۽ ان لاءِ فقط ھڪ بٽڻ دٻائڻ يا فون تي آرڊر ڏيڻ جي دير آھي؛ ھن جي کاڌي جي ميز تي ھڪ ويلي تي ست لذيذ طعام سجايا وڃن ٿا. ھن کي پنھنجي گھر جي ڀرسان جنرل اسٽور يا شاپنگ مال تان ضرورت جي ھر شيءِ ملي وڃي ٿي. ھو سير تفريح ۽ دوستن سان ملاقات لاءِ سون ۽ ھزارن ڪلوميٽرن جو سفر چند ڪلاڪن ۾ طئي ڪري ٿو. سھولتن جي فراهمي ۽ فراواني ٿلھي ليکي ايتري حد تائين وڌي وئي آھي جو دنيا جي اڪثر آبادي غذائي قلت بدران گھڻ- خوري جي نتيجي ۾ وزن وڌڻ ۽ ٿولھ جي ڪري پريشان آھي. اھڙن بي لوث ۽ بي غرض عظيم ڏاھن، دانشورن ۽ سائنسدانن جي ايجادن، دريافتن، اخترائن ۽ خدمتن جي بدولت جيڪي ناممڪن ڪم ۽ تصور ماضي ۾ ماورائي مخلوقات (ديوتائن، شيطانن، جنن، ديون، پرين وغيرہ) سان سلھاڙيا ويندا هئا، اھي اڄ اسان پارا عام مااڻھو استعمال ڪري رھيا آھن. مثال طور جنگين، وبائن ۽ ڏڪارن تي ضابطو، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فونن وسيلي گھربل معلومات تائين رسائي ۽ ان جي مسلسل فراھمي، ناڻي جا نوان تصور ۽ روپ جھڙوڪ پلاسٽڪ توڙي خيالي ڪرنسي، اسڪرين جي بغير ھوا ۾ تصويرون ۽ فلمون ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ، جانور پالڻ جي بغير جانورن جي هٿرادو گوشت جي پيداوار ۽ فراھمي، نر ۽ مادي جزن جي پيٽ کان ٻاھر ميلاپ وسيلي انسان ٺاھڻ، هٿرادو ٻار- ماءُ ٺاھڻ، ٽشو ڪلچر ۽ ڪلوننگ وسيلي نر ۽ مادي جزن جي ميلاپ کانسواءِ سندن ھڪ جيوگھرڙي مان مڪمل جاندار جھڙوڪ، رڍ، انسان، ڪتو، ٻلي ٺاھڻ يا وري فقط انھن جا عضوا جھڙوڪ دل، جگر، آنڊا، معدو، ڦڦڙ، لبلبو، ران وغيره ٺاھڻ؛ ڪلائوڊ سيڊنگ وسيلي هٿرادو برسات وسائڻ، هٿرادو سج ٺاھڻ، پاڻي جي وھڪري، سج جي روشني، ھوا، سمند جي لھرن، زمين جي اندروني گرمائش، ايٽم کي ٽوڙڻ وسيلي توانائي ۽ بجلي ٺاھڻ؛ موتمار بيمارين تي ضابطو آڻي انساني حياتيءَ کي تمام گھڻو وڌائڻ ۽ انسان کي آفاقي صفتن سان آراسته ڪري فاني منجھان لافاني بڻائڻ وغيره جديد دور جي جديد سائنس جا معجزا آھن، جيڪي اجتماعي سوچ رکندڙ انسان دوست ڏاھن، دانشورن ۽ سائنسدانن جي مسلسل جفاڪشي جو ثمر آھن.

گڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ يعني ٽيم ورڪ جي اھميت کان عوام جو ناڪاري ۽ بدعنوان طبقو مٿئين ھاڪاري ۽ ڏاھي طبقي کان وڌيڪ باخبر آھي ته متحد پڻ آھي، ڇو ته سندس بقا ۽ ترقي ان ۾ ئي آھي. اھو ئي سبب آھي جو ٽئين دنيا جي پوئتي پيل ملڪن جي عوام مٿان اھو طبقو “پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي” جي مصداق حڪمران بڻجي سندن پگھر جي پورھئي يعني ٽيڪس تي اربن ۽ کربن روپين جا راتاھا ھڻندي به وڌ ۾ وڌ معزز بڻيو ويٺو آھي. عوامي ٽيڪس جي لٽ مار ۾ ھن طبقي رياست جي سڀني ڌرين يعني دفاع، مقننه، انتظاميه، عدليه ۽ ميڊيا کي پاڻ ۾ ملائي ۽ ٻانھن ٻيلي ڪري رکيو آھي. اسان جي ملڪ ۾ بدعنواني جي وڌندڙ لاڙي کي ڏسي اھو اندازو ٿئي ٿو ته ھن ملڪ جو واقعي “الله حافظ” آھي، ڇو ته ھتي ھر غير قانوني ۽ ڪڌو ڪم ڏيتي ليتيءَ سان قانوني ادارن جي حفاظت ھيٺ ترت ٿي وڃي ٿو، جڏھن ته ھر قانوني ڪم بغير ڏيتي ليتيءَ جي ممڪن ئي ناھي جو ٿي سگھي، پوءِ ڀلي ملازم جون جتيون ۽ پير ئي ڇو نه گسي وڃن ۽ پاڻ اجل جو راھي ئي ڇو نه ٿي وڃي! بدعنوان لابيءَ کي ڪجھ ٿيڻو ئي ناھي، ڇو ته حصو پتي ھيٺ کان مٿي حڪمرانن تائين باقائدگي سان پھچي ٿو.

ڳالھ جو ڳر اھو نڪري ٿو ته اسان جي سماج ۽ رياست ۾ ھاڪاري سوچ، روين ۽ ڪمن جي ڀيٽ ۾ ناڪاري سوچ، روين ۽ عملن لاءِ لاڳاپيل حڪمران ۽ ادارا گڏجي سڏجي ٽيم ورڪ طور ڪم ڪن ٿا، جنھن جي نتيجي ۾ اسان دنيا ۾ پنھنجي عزت وڃائي چڪا آھيون ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ تباھي جو شڪار بڻجي چڪا آھيون. بدعنواني ۽ ڪوڙ جي ھن مصيبت مان نڪرڻ لاءِ اسان کي اخلاقي تعليمات ۽ ان جي عملي پھلو تي زور ڏيڻو پوندو جنھن لاءِ سڄاڻ ۽ باشعور ڌرين کي پنھنجو پاند ھر قسم جي بدعنواني کان بچائڻو پوندو ۽ حڪومتي سطح تي عدالتي نظام کي تڪڙو، فعال ۽ غير جانبدار بڻائڻو پوندو.