ڪرونڊي (رپورٽر) ڪرونڊي جي ڳوٺ بصيرو واسي نوجوان ذوالفقار راڄپر ۽ ساڳئي ڳوٺ جي رهواسڻ والهان راڄپر حيدرآباد جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، جوڙي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته شادي بعد دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان جي حياتي کي خطرو آهي، نوجوان ذوالفقار راڄپر چيو ته گهرواري والهان جي وارثن فيض گنج ٿاڻي تي منهنجي مٿان اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، مائٽ جا ويري بڻجي ويا آهن، قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جوڙي ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايچ او فيض گنج کي اپيل ڪئي ته تحفظ فراهم ڪيو وڃي.