ڪرونڊي ڪار باهه واقعو، ڊاڪٽر، سندس گهرواري ۽ پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي:ڀائرن جو الزام

0
56
ڪرونڊي ڪار باهه واقعو، ڊاڪٽر، سندس گهرواري ۽ پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي:ڀائرن جو الزام
ڪرونڊي ڪار باهه واقعو، ڊاڪٽر، سندس گهرواري ۽ پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي:ڀائرن جو الزام

ڪرونڊي لڳ ڪار کي باهه لڳڻ سبب ڊاڪٽر، سندس گهرواري ۽ پٽ جي سڙي فوت ٿيڻ واري سانحي ڊرامائي رخ اختيار ڪري ورتو

 سڙي فوت ٿي ويل ڊاڪٽر حبيب الله سهتو جي ڀائرن شرف الدين ۽ اسدالله چيو آهي ته سندن ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ڀائيٽي کي ڊاڪٽر جي ساهرن منظم رٿابندي تحت قتل ڪرايو آهي

 فوتي ڊاڪٽر جي ڀائرن سوشل ميڊيا تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا، شرف الدين ۽ اسد الله جو چوڻ آهي ته باهه واري واقعي دوران گاڏيءَ جو گئس سلينڊر نه ڦاٽو آهي

هنن چيو ته ڪار جي اي سي به گم هئي، ڪار جي هينڊ بريڪ ڇڪيل ۽ دروازا لاڪ ٿيل هئا، ڪار کي باهه لڳي نه هئي پر باهه ڏئي ٽنهي کي ساڙيو ويو

 ايس ايس پي خيرپور ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي نئين سر جاچ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ حسين پاتو لڳ ڪار کي باهه لڳڻ سبب تجل واسي ڊاڪٽر حبيب الله سهتو، سندس زال ذاڪره ۽ معصوم پٽ اڪرام الله سڙي فوت ٿي ويا هئا، ڊاڪٽر حبيب الله سهتو ڪجهه سال اڳ ذاڪره راڄپر سان پسند جو پرڻو ڪيو هو