ڪرونڊي (رپورٽ: عبدالرحمان چانگ) ڪرونڊي لڳ  مال جي ٻن واڙن ۽ هڪ گهر کي باهه، هڪ ڳئون، ٻه گابا ۽ هڪ گڏهه سميت واڙن ۽ گهر ۾ رکيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. خبر موجب ڪرونڊي جي ڳوٺ گوندائي پاتو ۾ استاد رياض راڄپر ۽ آفتاب راڄپر جي چوپائي مال جي واڙن لاءِ ٺهيل ڪکائين لانڍين کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ واڙن اندر ٻڌل جانورن مان هڪ ڳئون، 2 گابا  ۽ هڪ گڏهه سڙي مري ويا، جڏهن ته مال جي واڙن ڀرسان قائم مختيار اوڏ جي ڪکائين گهر کي به باهه لڳي وئي جنهن سبب گهر ۾ رکيل هنڌ بسترا، کٽون، ٿانوَ، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو.  اطلاع بعد پڪا چانگ مان فائر برگيڊ گاڏي واقعي واري هنڌ پهچي وئي. ڳوٺاڻن ۽ فائربرگيڊ عملي گڏجي باهه تي ضابطو آڻي ٻين گهرن  کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ٻئي طرف باهه متاثرن چيو ته خبر ناهي اسان جي گهر ۽ مال جي واڙن کي باهه ڪيئن لڳي آهي.  جانورن جي مرڻ سان گڏ واڙن اندر جانورن لاءِ پيل بهه، اناج سميت ٻيو سمورو سامان  سڙي ويو آهي. باهه متاثرن اپيل ڪئي ته سندن مالي مدد ڪئي وڃي.