پشاور (م ڊ) ڪرم ضلعي جي ڪوڙم روڊ سينٽرل ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو 1122 موجب زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين کي طبي امداد ڏني وئي پر چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس ٻڌايو ته ضلعي ڪرم ۾ روڊ ڪناري رکيل آءِ ڊي ذريعي بم ڌماڪو ڪيو ويو.