ڪرمپور/ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) ڪرمپور ويجهو عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي ويندڙ نوجوان کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، ان ڏس ۾ ڪرمپور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گهوٽڪي واسي نوجوان پريم چند مارواڙي عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي طرف وڃي رهيو هو ته ايس ايس پي آفيس پاران جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ڏوهارين جو نمبر ٽريس ڪري ڪرمپور ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ ڪرمپور پوليس انڊس هاءِ وي تي ڪارروائي ڪري نوجوان کي ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي ٻڌايو ويو ته اوهان کي ڌاڙيلن عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.