ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ رمضان شريف جي آمد کان اڳ ئي عام واهپي جي شين جي اگهن کي پر لڳي ويا، عام واهپي جون 18 شيون غريبن جي خريداري سگهه کان چڙهي ويون، ڪڪڙ جي اگهه ۾ 27 رُپيا في ڪلو اضافو، ٻاڪرو ۽ ڳائو گوسٽ به مهانگا ٿي ويا، پٽاٽن جي اگهن ۾ 4 رُپيا في ڪلو اضافو، ڪيلن جي اگهن ۾ به 5 رُپيا في درجن واڌ، ڏهي، تازو کير ۽ کاڄرو تيل به مهانگا ٿي ويا.